پير بلاوليءَ جو مقبرو

پير بلاوليءَ جو مقبرو

پير بلاوليءَ جو مقبرو

پير بلاوليءَ جو مقبرو: هيءُ مقبرو نيشنل هاءِ. وي جي ساڄي طرف ڀاڻوٺ ويندڙ رستي تي ونجهيري پير قبرستان ۾ پير بلاول عرف حسن بلاوليءَ جو مقبرو آهي. روايت موجب هن بزرگ جو تعلق مديني سان هو ۽ پاڻ ستين هجريءَ ڌاري هجرت ڪري سنڌ آيو. هي مخدوم بلاول جي ستن بهادر سپاهين ۽ حق گو صوفي بزرگن جهڙوڪ: مخدوم محمد عثمان هنڱورو،ساهڙ لنجار'> مخدوم ساهڙ لنجار، مخدوم سعد عرف ملو سعد، مخدوم مٺو ۽ مخدوم دانيال باغبان ۾ شامل هو.
پير بلاولي جو مقبرو 1985ع ڌاري، ٺٽي جي تڏهوڪي ايس. ڊي. ايم لطف علي ڪلهوڙي تعمير ڪرايو. هڪ چورس ڪشادي ٿلهي تي اٺڪنڊي نموني جي ڇت ٺهيل آهي، جيڪا پوري ڪمري کي ڍڪي ٿي، ان مٿان بونبي نما اڏاوت ڏئي ان جي مٿان ڪلسو ڏنو ويو آهي. ڪمري جي ٻاهرين ديوار جي هر هڪ حصي ۾ نوڪدار ونگ سان لنگهه ڏنل آهن، جن مان هڪ ڇڏي ٻئي تي سيمينٽ جون ڄاريون ۽ ڪاشيءَ جون سرون نصب ٿيل آهن. مکيه لنگهه ۾ ڪاٺ جو در لڳل آهي ۽ چؤڌاري ديوار تي ڪاشيءَ جون نيري رنگ جون سرون پڻ لڳل آهن. مقبري اندر صرف پير بلاولي جي قبر آهي، جڏهن ته مقبري جي ڀرسان ٿلهي تي ٻه ٻيون مزارون پڻ آهن. انهن ٻن مزارن بابت ڪو به احوال هٿ اچي نه سگهيو آهي. هن مقبري جي ڀرپاسي ۾ هڪ مسجد، پراڻو قبرستان ۽ تاريخي کوهه آهي. هر سال عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پير بلاولي جو عرس ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ شريڪ ٿين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو